اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مستونگ روڊ ڪوئيٽا ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي ڪالعدم ٽي ٽي پي جي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي دهشتگردن جي غيرملڪي ??ٺڀرائي سان ٺاهيل منصوبن کي ناڪام ۽ ملڪ کي محفوظ بڻائڻ ??ي لاءِ قربانيون ڏيندڙ سيڪيورٽي فورسز کي خراج ??حسين پيش ڪيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان مستونگ روڊ ڪوئيٽا ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي خودڪش حملي جي مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هو غيرملڪي ??ٺڀرائي سان ٺاهيل دهشتگردن جي منصوبن کي ناڪام ۽ ملڪ کي محفوظ بڻائڻ ??ي لاءِ قربانيون ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿو.