لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي واري امن جو خواب ڪڏهن پُورو نٿو ٿي سگهي. اها ڳالهه هن لنڊن ۾ ڪشمير سان تعلق رکندڙ مشهور برطانوي پاڪستاني اڳواڻن سان ملاقات دوران چئي. پرڏييه ??زي?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي جائز حق ”خودمختياري واري حق“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر آواز بلند ڪرڻ جي حوالي سان برطانوي پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج ??ار??ن جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي ??زي?? ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن سميت عالمي سطح تي کڻڻ جي حوالي سان پاڪستان جي مسلسل ۽ اڻٽر ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت پاڪستان تازو ئي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل هڪ ڊ??زي??ر جوڙيو آهي، ان ڊ??زي??ر ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا تفصيل شامل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته برطانوي پارليامينٽ ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان ”مباحثي“ جو انعقاد خوش آئنده آهي، برطانوي پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ان مباحثي هڪ دفعو بيهر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي دنيا جي سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته برطانوي پاڪستاني ڪميونٽي، هٿين خالي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي منظر عام تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. هن ڪ??ميري قيادت کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ڪ??ميرين جي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد، جي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. دنيا کي اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته جيستائين ڪ??مير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طور تي حل نٿو ڪيو وڃ??، تيستائين ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي امن جو خواب ڪڏهن شرمنده تعبير نٿو ٿي سگهي.