اسلا?? آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ??يئ??مين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اٿارٽي جي ??يئ??مين وزيراعظم کي ملڪ ۾ جاري رهائشي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي اٿارٽي جي ايندڙ تعميراتي ۽ رهائشي منصوبن بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان رهائشي منصوبن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته سمورن منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ جي گ??ٽ ۽ وچولي آمدني ??ارن طبق کي سستي رهائش جي سهولت ملي سگهي.