اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان او آءِ سي ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس ۾ ??رڪ?? لاءِ ايندڙ پرڏيهي نمائندا اسان جا مهمان آهن، ??نه?? جو خاص خيال رکيو وين??و ته جيئن ??نه?? جي خدمت ۽ سيڪيورٽيءَ ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڪسر نه رهجي وڃي. هن چيو ته ان ڪانفرنس ۾ 57 ??لڪ?? جا نمائندا ۽ـ پرڏيهي وزير ??رڪ?? ڪري رهيا آهن. او آءِ سي ڪانفرنس هن وقت افغانستان جي صورتحال اتي جنم وٺندڙ انساني مسئلن ۽ـ افغانستان کي گهربل امداد ۽ توجهه جي حوالي سان تاريخي ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس جو سهرو موجوده حڪومت ڏ??نه?? وڃي ٿو. 40 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ او آءِ سي ڪانفرنس جو هي قدم وزيراعظم عمران خان ورتو آهي. هن چيو ته ان ڪانفرنس دوران اسلام آباد ۾ ڇنڇر ۽ سومر تي موڪل هوندي. ڪانفرنس پارليامينٽ ۾ ٿي رهي آهي ان دوران ريڊ زون ۾ ايندڙ ويندڙن جي مشڪلاتن تي عوام کان معذرت خواه آهيون. هن چيو ته هي تمام اهم ڪانفرنس آهي ان جي سيڪيورٽي جون ذميداريون پاڪ فو??، سول ادارا، ايجنسيز سي ڊي اي ۽ اسلام آباد پوليس ملي ڪري ڪري رهيون آهن.