اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر دنيا جي مختلف ملڪن مان پا??ست??ن جي دوري تي آيل هندو ياترين جي وفد جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پا??ست??ن ۾ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اسان چاهيون ٿا ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کي انساني حقن ۽ مذهبي آزادي حاصل هجي، اميد آهي ته هندو ڪميونٽي ان جي لاءِ آواز اٿاريندي. پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اس??مبلي جي ميمبر رميش ڪمار وانڪواڻي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ هندو ياترين جي وفد سان ڳالهائيندي قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر چيو ته پا??ست??ن امن ۽ ڀائيچاري تي يقين رکي ٿو، پا??ست??ن ۾ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اقليتن جي حقن جو تحفظ اسان جي مذهبي ۽ آئيني ذميداري آهي، پا??ست??ن جي پارليامينٽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ساڻس گڏ بيٺل آهي، اقليتي برادري سان ڪنهن به ناخوشگوار واقعي جي عوامي ۽ پارلياماني ۽ حڪومتي سطح تي سخت مذمت ڪئي ويندي آهي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا ويندا آهن. پا??ست??ن ۾ رهندڙ سڀني شهرين کي پنهنجي عقيدي ۽ مذهبي رسمن موجب زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي. پا??ست??ن ڀارت سميت سڀني پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار دوستاڻا لاڳاپا چاهي ٿو، ??ن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اظهار جي آزادي جي راءِ ۽ مذهبي رسمون ملهائڻ تي پابندي عائد آهي، والاريل ڪشمير ۾ حقن جون پائماليون عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، والاريل ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي چارٽر موجب بنيادي انساني حق ڏنا وڃن. خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ضروري آهي، پا??ست??ن جي موجوده حڪومت مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، مذهبي سياحت جي فروغ سان گڏيل رابطن ۾ اضافو ٿيندو. موجوده حڪومت شهرين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سڄي ملڪ ۾ شهرين کي بنا رنگ ۽ نسل ۽ مذهب کان سواءِ صحت ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، اس??يڪر چيو ته مختلف ملڪن مان آيل هندو ياترين جي وفد کي پا??ست??ن کي خوش آمديد چوان ٿو. قومي اس??مبلي جي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار پارليامينٽ هائوس ۾ وفد جي گرمجوشي سان آجيان تي اس??يڪر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ قومي اس??مبلي جي اس??يڪر جو بطور ڪسٽوڊين آف دي هائوس جو ڪردار تحسين جوڳو آهي. حڪومت پاران مذهبي سياحت کي فروغ لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. مذهبي سياحت جي فروغ سان بين المذاهب هم آهنگي ۾ اضافو ٿيندو.