اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي صحت لاءِ محفوظ ??ير سميت کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو آهي ته معياري مصنوعات جي تياري اولين ترجيح هجڻ گهرجي، حڪومت لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبي سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي، وڌندڙ آبادي سان گڏ صحت، تعليم ۽ روزگار جي فراهمي تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، آبادي ۾ اضافي کي نظر ۾ رکي زرعي پيداوار وڌائڻ لازمي ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”محفوظ ??ير تي قومي مڪ??لمي“ کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت جي حصيداري سان ڪيو هو. تقريب ۾ وفاقي وزير سيد فخر امام، خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، پنجاب فوڊ اٿارٽي جي چيئرمين عمر تنوير ۽ پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسان پنهنجي ٻارن جي صحت سان ٺاهه نه ٿا ڪري سگهون، ??ير ۽ ڊيري مصنوعات جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان ??ير پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي، ??ير کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي طريقا لاڳو آهن. صدر چيو ته قومي مڪ??لمي کي خطاب ان لاءِ اعزاز جو سبب آهي، آبادي وڌيڪ هجي ته حڪومت جون ڪيتريون ئي ترجيحون هونيون آهن، وڌندڙ آبادي سان صحت، تعليم ۽ روزگار جي فراهمي تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته آبادي ۾ اضافي جي ڪري زرعي پيداوار وڌائڻ ضروري ??هي. هن چيو ته حڪومت لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبي سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي ۽ اڳتي به پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي تجويزن تي غور ڪنداسين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملاوٽ هڪ خراب ڪيفيت آهي، معياري ۽ ملاوٽ کان پاڪ شين جي ماڻهن کي فراهمي لازمي ??هي. ٻارن، جي اسٽنٽنگ ۽ خوراڪ جي کوٽ جي مسئلي ي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ماءُ جو ??ير سڀ کان محفوظ ۽ ضروري اهي، ٻارن کي جڏهن مناسب غذا نه ملندي ته ان جو وزن نه وڌندو، ??ير انهن جي لاءِ هڪ مڪمل غذا آهي، ٻار جي لاءِ ماءُ جي ??ير کان بهتر ڪا خوراڪ نه آهي، بهتر صحت جي لاءِ احتياط ۽ پرهيز تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ??هي. صدر چيو ته ان مقصد جي لاءِ عوام کي آگاهي ڏيڻ گهرجي، ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت پڻ مختلف پروگرامن سان ماڻهن کي آگاهي ڏني وئي، اسان احتياط ذريعي بيمارين ??و تدارڪ ڪري سگهون ٿا.