اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي ??امزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سعودي عرب ۾ سفير طور نامزدگي تي امير خرم راٺوڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ ??يو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ ٻطرفا گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر ڏکي وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آ??ي. ??اهه محمود قريشي ??يو ته اسان جي حڪومت اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، توهان جهڙي مڃيل سفارتڪار جي سفير طور مقرري اسان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي وزير ??يو ته اسان جي سفيرن کي اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻ?? پ??ڪستان جي ??عاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن ??يو ته سعودي عرب ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد رهي ٿو جيڪي پنهنجي ??حنت جي ڪمائ?? پ??ڪستان موڪلي ملڪ جي ??عاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي ??امزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي سندس هدايتن تي مڪمل عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.