اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري ورثي ۾ مليل ڏيوالپڻي واري معيشت ک?? استحڪام مليو ۽ قومي معيشت هاڻي پائيدار واڌويجهه جي راهه تي گامزن آهي، و??ير??عظم چونڊيل نمائندن کي عوام سان پنهنجو رابطو مضبوط ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي ته جيئن عوام ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جاري مختلف سرڪار?? اسڪيمن بابت وڌ کان وڌ آگاهي پيدا ڪري سگهجي. و??ير??عظم عمران خان اها ڳالهه سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ پشاور، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ چڪوال سان تعلق رکندڙ قوم?? اسيمبلي ميمبرن ۽ عورتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن سان جدا جدا ملاقاتن ۾ چئي. و??ير??عظم چيو ته حڪومت جي ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري ورثي ۾ مليل ڏيوالپڻي واري معيشت ک?? استحڪام مليو ۽ قومي معيشت هاڻي پائيدار واڌويجهه جي راهه تي گامزن آهي. و??ير??عظم سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته اهي عوام سان پنهنجو رابطو مضبوط ڪن ته جيئن انهن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جاري مختلف سرڪار?? اسڪيمن بابت وڌ کان وڌ آگاهي پيدا ڪري سگهجي. انهن اسڪيمن ۾ نئون پاڪستان قومي صحت ڪ??رڊ تحت يونيورسل هيلٿ ڪوريج، احساس ڪ??رڊ تحت راشن رعايت پروگرام سميت ڪيترائي غريب پروڙ قدم، آبادگار ڪ??رڊ تحت فصلن جي لاءِ قرض ۽ سستي اگهن تي معياري ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي فراهمي، ڪامياب جوان ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرامن تحت هوم فنانسنگ، سستا ڪاروباري قرض ۽ نوجوانن جي لاءِ پيشيواراڻي مهارتن ۾ تربيت شامل آهي. و??ير??عظم انهن کي ماڻهن کي اها حقيقت باور ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته حڪومت انهن جي پريشانين کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ عالمي منڊين ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ ٿيندڙ تاريخي اضافي جي ڪري درآمدي مهانگائي جي منفي اثرن کان انهن کي بچائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. انهن عوام دوست قدمن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 10 رپين جي گهٽتائي ۽ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 5 رپيا جي گهٽتائي شامل آهي. و??ير??عظم چيو ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا جن ۾ آءِ ٽي ڪمپنيز ۽ فري لانسرز جي لاءِ 100 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ، 100 سيڪڙو غيرملڪي ڪرنسي رکڻ جي اجازت ۽ آءِ ٽ?? اسٽارٽ اپس ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڪيپيٽل گين ٽيڪس تان 100 سيڪڙو جي ڇوٽ ??امل آهي. ان کانسواءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت ايندڙ 2 سالن ۾ ڪاروباري قرضن تي 407 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي. احساس پروگرام تحت ماهوار وظيفو 12000 رپين مان وڌائي 14000 رپيا ڪيو ويو آهي. گريجوئيٽ انٽرن شپ وظيفو 30000 رپيا ماهوار سان گڏوگڏ 26 لک اسڪالرشپس جي لاءِ 38 ارب رپيا رکيا ويا آهن. و??ير??عظم ان ڳالهه کي ورجايو ته حڪومت هدف تي ٻڌل سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول پيدا ڪري مهانگائي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. و??ير??عظم قوم?? اسيمبلي ميمبرن کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هيٺئين سطح تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. و??ير??عظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ پشاور مان شوڪت علي ۽ شير علي ارباب، اسلام آباد مان راجا خرم شهزاد نواز ۽ علي نواز اعواڻ، راولپنڊي ۽ چڪوال مان راشد شفيق، منصور حيات خان ۽ ذوالفقار علي خان ۽ عورتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل قوم?? اسيمبلي ميمبرن ڪنول شوزب، بيگم شاهين سيف الله طورو، نفيسا عنايت الله خٽڪ ۽ نورين فاروق ابراهيم شامل هيون. اڳوڻي قوم?? اسيمبلي ميمبر چوڌري اشفاق، حاجي محمد يونس علي انصاري ۽ چيَن ون جي سي اي او ميان ڪاشف اشفاق پڻ و??ير??عظم سان ملاقات ڪئي.