اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف ??ي اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته اسپيڪر جي رولنگ عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، اهڙن خي??لن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا ??ان ڳالهائيندي ڪيو، شفقت محمود چيو ته عدم اعتماد تي ووٽنگ نه ٿيڻ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي معاملي تي ڪي?? عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جيڪا ??ولنگ اسپيڪر ڏني اها عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته پاڪستان جي خلاف تمام وڏي سازش ٿي آهي، شفقت محمود چيو ته تعليم واري وزارت مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٿوري پريشاني هئي پر ان کي به ختم ڪيو ويو، مدرسن ۽ اسڪولن جا ٻار هڪ ئي فيلڊ ۾ اچي رهيا ??هن، تعليمي ادارن جي ٻارن کي چوندس ته هو پڙهائي تي ڌيان ڏين.