اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ديامر ڀاشا ڊيم جي مڪمل ٿيڻ سان سستي بجلي جي پيداوار سان گڏوگڏ زرعي پيداوار ۽ سرگرمين ۾ نمايان اضافو ٿيندو، اهو منصوبو مستقبل ۾ پاڪستان جي معيشت جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم اها ڳالهه ديامر ڀاشا ڊيم جي ??عميراتي سائيٽ تي بر??فن?? کانپوءِ خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چ??و ته 4500 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار جو هي منصوبو ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ منصوبو آهي، وزيراعظم اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته منصوبو نظام الاوقات موجب 2029ع کان اڳ مڪمل ٿيڻ گهرجي، منهنجو اصرار آهي ته منصوبو 20209ع بدران 27 – 2026ع ۾ جيڪڏهن مڪمل ٿي وڃي ته ا??و هڪ معجزو هوندو، ه?? دنيا ۾ ڪا شيءَ به ناممڪن نه آهي، جيڪڏهن اسان اتفاق ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪريون ته ا??و هدف حاصل ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چ??و ته کيس خوشي آهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف 2016ع ۾ هن منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ۽ مسلم ليگ (ن) جي ??ڪومت زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ فنڊز فراهم ڪيا. وزيراعظم چ??و ته هي هڪ وڏو هدف آهي ۽ منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت مڪمل تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم مستقبل ۾ منصوبي جي فنڊ ريزنگ لاءِ عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي ??جويز ڏني، وزيراعظم 13 ڪلوميٽر ڊگهي بابوسر ٽاپ ٽنل جي ??عمير جي منصوبي جو اعلان پڻ ڪ??و ته جيئن سڄو سال مانسهره ۽ چلاس جي وچ ۾ ٽريفڪ جي ??واني جو تلسسل برقرار رکي سگهجي، وزيراعظم ان ڏس ۾ عملدارن کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چ??و ته گذريل 4 سالن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اها بدقسمتي هئي، هن ڊيم جي ??لد تعمير هڪ سٺي علامت ۽ ملڪي تاريخ ۾ سنگ ميل هوندو، اها ڳالهه ا??سوسناڪ آهي ته ساليانو 125 کان وٺي 130 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي مان رڳو 25 کان وٺي 30 ملين ايڪڙ فت پاڻي بچايون يا استعمال ۾ آڻيون ٿا، جيڪڏهن ان پاڻي کي بچايو و??و ته ا??ا اسان جي وڏي ڪاميابي هوندي. ديامر ڀاشا ڊيم سان نه رڳو ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ??لاحيت ۾ اضافو ٿيندو پر ان سان تربيلا ڊيم کي مٽيءَ جمع ٿيڻ کان بچايو ويندو جنهن سان تربيلا ڊيم جي ??مر ۾ 35 سالن جو اضافو ٿيندو. وزيراعظم چ??و ته هن ڊيم سان ٻوڏ کان بچاءُ ممڪن ٿيندو، زرعي پيداوار وڌندي. ان کانسواءِ روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا جنهن سان علائقي ۾ اقتصادي خوشحالي ايندي. وزيراعظم چ??و ته هو گذريل 4 سالن جو ذڪر نه ٿو ڪرڻ چاهي پر ان عرصي ۾ بجلي جي ??عبي سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو آهي اهو قوم سان ظلم ۽ ناانصافي آهي، 6 کان وٺي 7 هزار ميگاواٽ اضافي بجلي جي ??لاحيت جي ??اوجود تيل ۽ گئس سان هلندڙ پاور پلانٽس بند ڪيا ويا آهن، بطور خادم پاڪستان قوم سان ڪوڙ نه ڳالهائيندس ۽ نه ئي حقيقتون لڪائيندس. جڏهن ته حقيقتون سامهون اچڻ گهرجي. وزيراعظم چ??و ته هن علائقي ۾ صحت جي ??هولتن جي کوٽ آهي، بطور پنجاب جي وڏي وزير مون گلگت جي لاءِ اسڪيننگ مشين جو عطيو ڏنو هو. هن علائقي ۾ صحت جي ??هولتن جي فراهمي لاءِ جديد سهولتن ۽ اوزارن سان ليس اسپتال جي ??عمير جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين منصوبي بابت وزيراعظم کي بر??فن?? ڏني. شاهد خاقان عباسي، خواجه محمد آصف ۽ مسلم ليگ (ن) جي ??رجمان مريم اورنگزيب پڻ ان موقعي تي موجود هئا. واپڊا چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌا??و ته هن وقت 2.6 ٽريلين رپين جي لاڳت سان ديامر ڀاشا، داسو ۽ مهمند ڊيم جا منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن. هن ٻڌا??و ته منصوبي ۾ 8.1 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ??لاحيت آهي، ان سان 1.23 ملين ايڪڙ زمين کي پاڻي جي فراهمي ممڪن ٿيندي. ان منصوبي سان ساليانو 18100 گيگاواٽ آورز بجلي پيدا ٿيندي. هي منصوبو 2029ع ۾ مڪمل ٿيندو جڏهن ته ا?? سان روزگار جا 16500 موقعا پيدا ٿيندا. بعد ۾ وزيراعظم قراقرم هاءِ وي، 3 ميگاواٽ ٿڪ پاور پراجيڪٽ ۽ چلاس ڪيڊٽ ڪاليج منصوبن جو فضائي جائزو پڻ ورتو.