اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اور??گز??ب چيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، اڳوڻي دور ۾ پيڪا آرڊيننس ۽ پي ايم ڊي اي جهڙن ڪارن قانونن سان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي. اها ڳالهه هن سي پي اين اي، اي پي اين ايس، پي بي اي، پي ايف يو جي ۽ AEMEND جي نمائندن تي ٻڌل ميڊيا جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قانونسازي تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيمرا قانون ۾ مشاورت سان قانونسازي ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ شق شامل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ٿيو ته فيڪ نيوز سان قومي سلامتي مفادن، عوام جي اتحاد کي نقصان پهچائڻ جو تدارڪ ٿيندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات و??ري وفاقي وزير مريم اور??گز??ب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اظهار راءِ جي آزادي جي آئيني، مهذب حق جو فروغ چاهي ٿو. هن چيو ته صحافت جي موت سياست ۽ جمهوريت جي موت آهي، جمهوريت ۽ آئين جي پيداوار ئي اظهار راءِ جي اهميت ۽ قدر ڄاڻي ٿي. هن چيو ته سياست، صحافت ۽ عوام تي چار سال قيامت جا گذريا آهن، چينل، ڪالم، پروگرام، زبان ۽ اک بند ڪري قوم جي آزادي کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پيڪا آرڊيننس ۽ پي ايم ڊي اي جهڙن ڪارن قانونن سان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي. هن چيو ته اسان صحافي برادري جي م??اورت سان هلنداسين، توهان جي راءِ جي روشني ۾ ميڊيا جي آزادي کي فروغ ملندو. هن چيو ته چار سالن ۾ ملڪ جي م??يشت وانگر ميڊيا کي به مالي طور تي تباهه ڪيو ويو. مريم اور??گز??ب چيو ته صحافين جي م??اشي تباهي جو احساس آهي، چاهيون ٿا ته جلد انهن کي پهچندڙ نقصانن جو ازالو ڪريون. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ صحافي بيروزگار ٿيا، ڪيترائي فوت ٿي ويا، پگهارون اڌ ٿي ويون، انهن جي خاندان ۽ ٻ??رن جي تڪليفن کان آگاهه آهيون. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اسان ملڪ جي م??اشي تباهي جي بحالي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي م??اشي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي. هن چيو ته غيرملڪي سازش ۾ صحافين تي سنگين الزامن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. پي ايف يو جي جي م??البي جي حمايت ڪريون ٿا، ڪوڙن کي گهر تائين پهچائينداسين. مريم اور??گز??ب چيو ته جيڪو سچ ڳالهائي ٿو، چوري پڪڙي ٿو، عمران خان ان کي غدار بڻائي ڇڏي ٿو. هن چيو ته غيرملڪي سازش جي نالي تي ادارن، عدليه، ميڊيا تي گند اڇا??ين??ڙن کي اسپيس نه ڏنو وڃي، ڪوڙ تي ٻڌل انتش??ري فسادي بيانيي جي تدارڪ ۾ ميديا پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته سياستدانن جي پناهه جي جڳهه آزاد، غيرجانبدار ميڊيا هوندي آهي، اسان ان کي طاقتور ڪنداسين. ان موقعي تي وفد موجوده جمهوري حڪومت پاران ڳوڻي حڪومت جي ڪارن قانونن کي ڪالعدم ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪندي چيو ته اطلاعات و??ري وفاقي وزير عهدو سنڀا??ين??ي ئي پي ايم ڊي اي جي ڪ??ري ضابطي کي ڪالعدم قرار ڏنو جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون. اميد آهي جمهوري حڪومت جمهوري م??اج برقرار رکندي، آئين سان پيدا ٿيندڙ آزادي کي سگهه ملندي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد مريم اور??گز??ب کي اطلاعات و??ري وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي پڻ مبارڪباد پيش ڪئي.