اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان برطانوي ه??ءِ ڪمشنر ڪرسچين ٽرنر سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، برطانيه جي ه??ءِ ڪمشنر مريم اورنگزيب کي اطلاعات وا??ي وزارت جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ان ۾ سگهه ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ميڊيا جي مختلف شعبن، ڊجيٽل ميڊيا، ميڊيا ٽريننگ ۽ فلم سازي ۾ تعاون سميت ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته في?? نيوز پاڪستان سميت پوري دنيا ل??ءِ وڏو چئلينج آهي، برطانوي ه??ءِ ڪمشنر اطلاعات وا??ي وزير کي پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته يوم آزادي 14 آگسٽ تي پاڪستان ۽ برطانيه جي سفارتخانن ۽ لنڊن ۾ خصوصي تقريبون ٿينديون. هن چيو ته پاڪ برطانيه لاڳاپا 75 سالن ۾ مسلسل فروغ ورتو، مستقبل ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا گڏيل احترام، وسيع علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪجهڙي تصو??ن تي ٻڌل آهن، اسان انهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ??سو?? ٿا.