اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان ??وسٽ آفيس جي درخواست رد ڪندي سروس رهت?? مان ضابطي جي خلاف ڪٽيل 5 لک رپين جي پينشن جي رقم رٽائرڊ ملازم کي واپ?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب صدر پاڪستان ??وسٽ آفيس کي سروس رهت?? مان ضابطي جي خلاف ڪاٽيل 5 لک رپين کان ??ڌيڪ جي پينشن جي رقم مارچ 2020ع تي رٽائرڊ ٿيندڙ ملازم کي واپ?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان کي اداري پاران بي ضابطي قرار ڏنو آهي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان ??وسٽ آفيس جي درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن ۾ وفاقي محتسب پاڪستان ??وسٽ ک?? شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ڪاٽيل پينشن بقايا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پينشنر جي محنت سان ڪمايل آمدني آئين جي آرٽيڪل 9 تحت ان جو بنيادي حق آهي، قانون کان ??ٿانهون پينشنر کي رقم جي هڪ حصي کان به محروم نه ٿو رکي سگهجي، پينشن ايڪٽ 1871ع تحت پينشن کي ضبط يا قرق نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ??وسٽ شڪايت ڪندڙ جي پينشن رهت?? مان 5 لک 2 هزار 272 رپين جي رقم بنا جواز وصول ڪئي. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان ??وسٽ آفيس جي سروس رهت?? مان غيرمنصفاڻي طور تي 5 لک 2 هزار 272 رپين جي ڪٽوتي ڪئي آهي. وفاقي محتسب اپريل 2021ع ۾ ڏنل فيصلي ۾ پاڪستان ??وسٽ ک?? شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينه?? ۾ ??يليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. پاڪستان ??وسٽ فيصلي تي عملدرآمد بدران صدر وٽ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو، حڪم جي 30 ڏينهن منافعي جي شرح سان رقم واپ?? ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.