ڪراچي – 14 – آگسٽ (اي پي پي) سن?? جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي ت?? اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان پنهنجي قائد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيا آهي??ن، اسان کي گڏجي هن ملڪ کي مضبوط ڪرڻو آهي، اڄ جي ڏينهن ڪشميري ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي. آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي سن?? جي وقتي گورنر ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪالهه لاهور جي پي ٽي آءِ جلسي جي لاءِ پاڪستان جو جهنڊو لاٿو ويو، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، عمران نيازي اقتدار جي لاءِ ملڪ جي محبت ۽ هر روايت وساري ڇڏي آهي. هن چيو ته ملڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اسان کي محبت ۽ يڪجهتي سان اڳتي وڌڻو آهي. وڏي وزير چيو ته جولاءِ دوران ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون ٿي??ن، شهر جي سمورن قدرتي پاڻي جي نيڪال جي رستن تي قبضن جي ڪري نيڪالي جا مسئلا ٿين ٿا، سن?? حڪومت اهي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ هاڻي صورتحال ڪافي ??هتر آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان شهر جي رستن جي مرمت لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا آهن ۽ وڌيڪ فنڊز جو انتظام ڪري رهيا آهيون.