اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻوڏ جي صورتحال کي قومي ايمرجنسي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان صوبي ۾ غيرمعمولي تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي جذبو ڏيکارڻو پوندو، ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ سموري قوم خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ع??يي جي ضرورت آهي. پنهنجي بيان ۾ اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تمام وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جي ڪري وڏي رقم گهربل هوندي. وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي، تيز برساتن ۽ شديد ٻوڏ وارن ريلن جي ڪري ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن، عوام جي مدد سان متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي عمل کي تيز بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم فلڊ ريليف اڪائونٽ 2022ع ۾ عطيو ج??ع ڪرائڻ جا تفصيل اڳ ۾ ئي جاري ڪيا ويا آهن، اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ع??يو اڪائونٽ (پرائيم منسٽر ريليف فنڊ اڪائونٽ 2022ع اڪائونٽ نمبر: G-12164) ۾ ج??ع ڪرائي سگهن ٿا. اط??اع??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مصيبت ۾ گهيريل هم وطن اسان جي مدد جا منتظر آهن، اچو اسان سڀ بڻجون سهارو. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وايا ٽرانسفر، مني سروس بيوروز، مني ٽرانسفر آپريٽرز ۽ ايڪسچينج ??ائ??سز جي ذريعي به عطيو موڪلي سگهن ٿا. عطيو سڀني ڪمرشل بئنڪن ۾ روڪ به ج??ع ڪرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته بئنڪن جي ڊراپ باڪس ۾ ڪراس چيڪ، موبائيل ۽ انٽرنيٽ بئنڪنگ، اي ٽي ايمز، اي بي ايف پي، راست جي ذريعي به ج??ع ڪرائي سگهجن ٿا.