اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا پاران مسلسل تعاون، يڪجهتي ۽ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امداد انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پا??ستان گڏيل سيڪيورٽي، صحت، موسمياتي تبديلين، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پا?? آمريڪا لاڳاپن کي و??يڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي پرڏيهي وزير جي سينيئر پاليسي صلاحڪار ڊيرڪ چوليٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊيرڪ چوليٽ پا??ستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ قيمتي جانين جي زيان تي پا??ستاني حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڊيرڪ چوليٽ جو هن مشڪل وقت ۾ جڏهن ته پا??ستاني تاريخ جي سڀ کان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان بري طرح متاثر آهي، دورو ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان موقعي تي آگاهه ڪيو ته 3 ڪروڙ 30 لک کان و??يڪ پاڪستاني ان آفت سان هيستائين متاثر ٿيا آهن جڏهن ته 1300 کان و??يڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ان سان گڏوگڏ زراعت، چوپائي مال، ملڪيتن ۽ اهم انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. وزيراعظم چيو ته آلوده پا??ي جي استعمال سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جو ممڪن ڦهلاءُ پڻ ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو. حڪومت ان تباهي آڻيندڙ صورتحال ۾ ترجيحي بنيادن تي ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ پوري طرح مصروف آهي. وزيراعظم ريسڪيو ۽ ريليف کانپوءِ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ انفراسٽرڪچر ۽ نجي ملڪيتن جي نئين سر تعمير جي وڏي چئلينجز تي پڻ روشني وڌي. هن چيو ته آمريڪا پاران مسلسل تعاون، يڪجهتي ۽ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امداد انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ڇو ته پا??ستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعاون تي ٻڌل پراڻا لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم پا?? آمريڪا لاڳاپن جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته پا??ستان سيڪيورٽي، صحت، موسمياتي تبديلين، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ لاڳاپن کي گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هن گڏيل اعتماد، احترام ۽ افهام تفهيم جي اصولن تي ٻڌل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري ۽ پائيدار رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ماحولياتي هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن ۾ ان چئلينج کي بهتر طريقي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ موسمياتي بنياد تي فنڊنگ کي متحرڪ ڪرڻ پڻ شامل آهي. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ افغان اثاثن کي آجو ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري کي افغانستان سان رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. ڀارت سميت خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پا??ستان جي عزم کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پراڻي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حل انتهائي ضروري آهي. بائيڊن انتظاميا پاران ڊيرڪ چوليٽ پيغام ڏيندي چيو ته آمريڪا ان تازي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ چئلينج جي ڏس ۾ پا??ستان سان گڏ بيٺل رهندو، اهم مدد فراهم ڪندو ۽ متاثر ماڻهن جي زندگين جي بحالي ۽ متاثر ڪميونٽيز جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڪندو.