اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ اڱاري تي چين روانو ٿيندو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 11 اپريل 2022ع ت?? وزارت عظمي جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو اهو پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي 20هين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽئين ڀيري جنرل سيڪريٽري چونڊڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. ان دوري ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ اعلي سطحي وفد به گڏ هوندو. وزيراعظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلس?? رابطن جي ڪڙي آهي. وزيراعظم چين جي دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل ??سٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ پُڻ ڪئي ويندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڏي پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي جي اميد آهي. دوري جي دوران مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ تيز ٿيڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل ??عاون ڪميٽي (جي سي سي) جو يارهُون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع ت?? ٿيو هو.