بيجنگ – 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ چين جي صدر شي جن پن?? سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايم ايل ون کي شروعاتي هارويسٽ منصوبي جي طور تي شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته چيني صدر پاڪستان جي لاءِ 50 ڪروڙ يوان جي اضافي امداد جو اعلان ڪيو، ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 20 هين مرڪزي ڪميٽي جو ٻيهر جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي صدر شي جن پن?? کي ??بارڪباد ڏني. هن ملڪ ۾ هولناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڏس ۾ پاڪستان جي امداد، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ چين جي اڻٿڪ مدد تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ پنهنجي و??بستگي کي و??جايو جيڪا هر آزمائش ۾ پوري لٿي آهي. ٻنهي ملڪن امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي پنهنجي گڏيل ويزن کي عملي جامعو پارائڻ ۾ مضبوطي سان گڏ بيٺل آهن. چين سان پاڪستان جي منفرد تاريخي لاڳاپن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪا م جي لاءِ ٻطرفي دوستي جي عزم کي و??جائيندي و??يراعظم شهباز شريف ان ڳالهه جو ڀرپور ورجاءُ ڪيو ته پاڪ چين دوستي پاڪستان ۾ سياسي سطح تي مڪمل اتفاق راءِ رکي ??ي ۽ اهو بين الرياستي لاڳاپن جو هڪ نمونو آهي. وزيراعظم چين جي خوشحالي جي لاءِ صدر شي جن پن?? جي قيادت ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي ??ضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي ويزن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان کي چين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي قومي عزم سان تحريڪ ملي آهي. ٻنهي اڳواڻن دفاع، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، صحت، تعليم، گرين انرجي، سائ??س ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آفتن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ تياري سميت ڪيترن ئي معاملن تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سي پيڪ جي لاءِ پنهنجي گڏيل وابستگي کي و??جايو ۽ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته سي پيڪ جي اعليٰ معياري ترقي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌيڪ مضبوط ڪندي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته اسٽريٽجڪ اهميت جي منصوبي جي طور تي ٻئي ڌريون سي پيڪ جي فريم ورڪ تحت ايم ايل ون کي شروعاتي هارويسٽ منصوبي طور شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪندا. هنن ڪراچي ۾ ماس ٽرانزٽ منصوبي جي ضرورت کي ??ڻ اجاگر ڪيو ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي جلد شروع ڪرڻ جي لاءِ سمورين رسمي ڪاررواين کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. هنن دوري دوران ٻطرفي تعاون جي و??يع معاملن جو احاطو ڪندڙ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي ??ڻ ساراهيو. صدر شي جن پن?? يقين ڏي??ري?? ته چين پائيدار اقتصادي ترقي ۽ جيو اڪنامڪ مرڪز طور پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن جي لاءِ 500 ملين يوان جي اضافي امداد جو پئڪيج جو پڻ اعلان ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ماحول ۾ تيزي سان تبديلي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اقتصادي چئلينجنک ي وڌائي ڇڏيو آهي. هنن برابري ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون تي پنهنجي گڏيل يقين جي توثيق ڪئي جيڪو عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهي. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موسمياتي تبديلي، صحت جي و??ائي مرضن ۽ وڌندڙ اڻبرابري جهڙن موجوده چئلينجن جي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن موجب رياستن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر شي جن پن?? ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال سميت خطي سان لاڳاپيل اهم معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي سلامتي ۽ اقتصادي ترقي کي ??روغ ڏيندو. هنن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع سان علائقائي رابطن جي قدمن کي سگهه ملندي. وزيراعظم سي شي جن پن?? کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي ??ن قبول ڪري و??تو.