اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري م??لڪتي وزير حنا رباني کر اسلامو فوبيا ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمي ايڪشن پلان ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري م??لڪتي وزير حنا رباني کر اهڙن خيالن جو اظهار مراڪش جي شهر فينز ۾ گڏيل قومن جي تهذيبن بابت اتحاد جي نائين عالمي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جي م??زباني مراڪش جي شاهه ڪئي. مملڪتي وزير سڄي دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت، امتيازي سلوڪ، اسلامو فوبيا ۽ تشدد جي وڌندڙ مسئلي بابت پاڪستان جي م??قف ۽ خدشن کي واضح ڪيو. هن پرامن گڏيل بقاءَ، گڏيل افهام تفهيم ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ۽ مضبوط بين المذهبي، بين التهذيبي ۽ بين المذاهب مڪالمي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. حنا رباني کر خاص طور تي مسلمانن ۽ اسلام جي خلاف رياستي امتيازي سلوڪ، دشمني ۽ فوبيا طرف ڌيان ڇڪرايو ۽ اهڙي قسم جي ڪڌي ڪمن جي لاءِ ڇوٽ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ماحول طرف ڌيان ڇڪرايو. هن زور ڏنو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومون اسلامو فوبيا ۽ مسلم مخالف نفرت جي ڪڌي رجحانن کي بامعنيٰ طور تي م??هن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ايڪشن پلان جوڙين. گڏيل قومن جي تهذيبن جو اتحاد نائين اليون کانپوءِ 2005ع ?? مسلم دنيا ۽ اولهه جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ جي جواب ۾ جوڙيو ويو هو. ان جي بنيادي م??صدن مان هڪ سمورين ثقافتن، روايتن ۽ مذهبي عقيدن جي لاءِ گڏيل احترام کي اڳتي وڌائڻ آهي. نائون فورم ”امن جي اتحاد طرف: هڪ انسانيت جي طور گڏ رهڻ“ جي مرڪزي م??ضوع تحت منعقد ڪيو ويو. يو اين اي او سي گروپ آف فرينڊز جي م??مبر طور پاڪستان اتحاد جي م??نڊيٽ کي اڳتي وڌائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.