اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري ڪاميڊين اداڪار ماجد جهانگير جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ماجد جهانگير اسماعيل تارا سان گڏ ڊرامي ففٽي ففٽي ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، سندس لاڏاڻي سان ڊراما انڊسٽري ۾ پ??دا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته شوبز انڊسٽري جي لاءِ ماجد جهانگير مرحوم جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعال??ٰ ماجد جهانگير مرحوم کي جنت ۾ اعل??ٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.