اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو آهي ته ڀارت دنيا آڏو پاڻ ک?? جمهوري ۽ سيڪيولر ملڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو پر اتي اقليتون محفوظ ناهن، ڀارت جو نام نهاد يوم جمهوريه اسان لاءِ ڪارو ڏهاڙو آهي. سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ پاڪستاني اڄ جو ڏينهن ڪاري ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آهن. ڀارت جو نام نهاد يوم جمهوريه جي موقعي ت?? پنهنجي بيان ۾ هن چيو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ج?? مسلمانن هر اها قرباني ڏني جنهن ??و مثال نٿو ملي. ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ لاءِ ڪشميرين پنهنجي ٽئين نسل قربان ڪري ڇڏي آهي، ڀارت گڏيل قومن ۾ ڪشميرين کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ ج?? پنهنجي ئي واعدي کان ڦري رهيو آهي. وزيراعظم آزاد ڪشمير چيو ته ڪشمير ڪنهن صورت ڀارت جو حصو ناهي ۽ نه ڪڏهن بڻجي سگهي ٿو. ڪشميري پاڻ ک?? پاڪستاني سمجهن ٿا ۽ پاڪستان جي تڪميل جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هندوستان ??و مڪروه ۽ انسانيت جو قاتل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿيو آهي. ڀارت ڪشمير تي قبضو ڪري رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته جمهوري ۽ سيڪولر ملڪ جي دعويٰ ڪندڙ هندوستان دنيا کي دوکو ڏيندڙ سڀني کان وڏو فراڊ آهي. ڀارت ڪشميري ماءُ، ڀينرن، بزرگن ۽ ٻارن تي انسانيت سوز ظلم ڪيا. وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڻ ک?? جمهوري ملڪ چورائڻ جي لائق ناهي، ست ڏهاڪن کان هندوستان پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ ظلم جو بازار گرم ڪيو آهي. والاريل ڪشمير ج?? مسلمانن کان علاوه ڀارت جي ڪيترين ئي رياستن ۾ ماڻهو آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هندوستان ۾ اقليتن لاءِ ڪا جاءِ ناهي.