اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف جي ??دايت تي امدادي سامان کڻي خصوصي جهاز اڄ رات 10 وڳي ترڪيه روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب سي 130 جهاز چڪلالا ايئربيس تان آرمي سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم کڻي سڌو ترڪيه جي زلزلي کان متاثر علائقن ۾ پهچندو. 7 فيبروري جي صبح پي آءِ اي جي اڏام تان 50 ماڻهو ۽ 15 ٽن سامان ترڪيه روانو ٿيندو. ٽيم ۾ ريسڪيو 1122 جا اهلڪار به شامل آهن. 7 فيبروري تي لاهور کان سي 130 جهاز 7 ٽن امدادي سامان کڻي استنبول روانو ٿيندو. امدادي سامان ۾ سرديءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ??يما، ڪمبل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون شامل آهن. 8 فيبروري تي پي آءِ اي جي اڏامن جي ذريعي اسلام آباد ۽ لاهور مان 15 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام ??وڪ??يو ويندو. صحت واري وزارت ۽ آرمي ميڊيڪل ٽيمون ترڪيه ۽ شام ??وڪ??يون وينديون.