اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱ??ري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو، جتي هو پاڪستان نيوي جي اهتمام هيٺ ج??ري عالمي گڏيل سامونڊي مشقن جو معائنو ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته گڏيل سامونڊي مشقن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سامونڊي فوجن جا دستا شريڪ ٿي رهيا آه??. هن چيو ته ٻن سالن کانپوءِ ٿيندڙ انهن مشقن جو بنيادي مقصد سامونڊي ڌاڙيلن، دهشتگردن، منشيات ۽ هٿيار اسمگلرن جي خلاف موثر گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آه??. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم سامونڊي ڌاڙيلن جي خلاف گڏيل ڪارروائي جو مظاهرو ڏسڻ ک??نسواءِ ٻين سامونڊي مشقن ۽ پيشيواراڻي مهارتن جو جائزو به وٺندو.