ڪراچي – 21 – فيبر??ري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سانگهڙ ضلعي جي صدر علي ح??ن هنڱورو سان سندس وڏي ڀاءُ علي انور هنڱورو جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊ??ا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ علي انور هنڱورو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ علي ح??ن هنڱورو جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.