ڪراچي – 24 – فيبروري (اي پي پي) پاڪ??تا?? پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لوڪ فنڪار واسو خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته واسو خان جي لاڏاڻي سان پاڪ??تا?? جي لوڪ موسيقي جي دنيا جو روشن ست??رو اجهامي ويو، واسو خان مرحوم جي آواز ۾ بلوچ??تا?? جي پهاڙن جو طلسماتي لوڪ فن گونجندو هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعالي?? انهن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن واسو خان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي جي دعا پڻ ڪئي.