اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چوڌري محمد شهباز بابر چيو آهي ته اسان جو اتحاد ئي اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي، اسان متحد رهنداسين ته دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادا ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، پاڪستان الله تعاليٰ جو تحفو آهي، جنهن جو قدر ۽ منزلت ۽ تحفظ اسان جي زندگي جو مقصد هجڻ گهرجي، 23 مارچ تجديد جي وچن جو ڏ??نهن آهي، اڄ اسان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ ان جي دفاع لاءِ اسان پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏينداسين. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميديا اينڊ پبلي??يش??ز (ڊي اي ايم پي) جي اهتمام هيٺ پاڪستان ڏهاڙي جي مناسبت سان ڊيجيٽل فوٽوگرافڪ ا??گز??بيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ا??گز??ڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ اينڊ ميڊيا اينڊ پبلي??يش??ز طارق محمود، فلم ڊائريڪٽر آصف رحمان، ا??گز??بيشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊي اي ايم پي فاريه مغل کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اعليٰ آفيسرن ۽ جاڙن شهرن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. خصوصي مهمان ۽ شريڪ ٿيندڙن کي نمائش بابت بريفنگ ڏيندي ڊي اي ايم پي جي ا??گز??ڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل طارق محمود ٻڌايو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي??يش??ز جاڙن شهرن جي تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ تحريڪ پاڪستان، ڪشمير جي تحريڪ آزادي بابت ڊيجيٽل تصويرن، پينٽنگز جي مقابلن جو انعقاد ڪيو، 200 کان وڌيڪ تصويرون ۽ پينٽنگز ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ پينٽنگز کي چونڊي انهن کي نمائش ۾ رکيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چوڌري محمد شهباز بابر نمائش جي افتتاح کانپوءِ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته مارچ 1940ع جو ڏ??نهن اسان جي قومي تاريخ جو سنگ ميل ۽ آزادي جي جدوجهد جو اهم موڙ آهي. ان ڏينهن مسلمانن ننڍي کنڊ مان پنهنجي منزل جو تعين ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان ڏهاڙي تي اهو ئي پيغام سڀني جي لاءِ آهي ته توهان ديانتداري ۽ خلوص سان ملڪ جي خدمت ڪريو ۽ پاڪستان جي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪر?? جو عزم ڪيو.