اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) پاران ملازمه کي رهائشي ڪوارٽر جي الاٽمينٽ ۾ صنفي امتياز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ??ندي وفاقي ??حت??ب جي حڪمن جي خلاف سي ڊي اي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته معاشري ۾ عورتن سان امتيازي سلوڪ رکي پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي?? سي ڊي اي پاران هڪ جهڙي ڪم تي مرد کي گهر ڏيڻ ۽ عورت کي گهر نه ڏيڻ جو موقف افسوسناڪ آهي، مرد کي گهر الاٽ ڪرڻ جڏهن ته عورت کي الاٽ نه ڪرڻ انتهائي امتيازي سلوڪ آهي. هن سي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته هو صنفي امتياز کي فروغ ڏيندڙ پنهنجي قانونن کي بهتر بڻائي، صنفي امتياز پاڪستان جي بانين، اسلام جي منصفاڻي طرزعمل ۽ آئين جي روح جي خلاف آهي?? سي ڊي اي وفاقي ??حت??ب جي حڪمن تي عمل ڪري ۽ عورت جي شڪايت جو ازالو ڪيو وڃي. صدر ملازمه کي ڪوارٽر الاٽ ڪرڻ جو وفاقي ??حت??ب جو حڪم برقرار رکندي چيو ته سي ڊي اي ملازمه (ڌوٻڻ) سان امتيازي سلوڪ ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيڪڏهن ضرورت هجي ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ مجاز اٿارٽي/ فورم کان منظوري ورتي وڃي. تفصيل موجب سي ڊي اي پاران رڳو مرد ڌوٻين کي رهائشي ڪوارٽرز الاٽ ڪيا پئي ويا. شهناز بيگم (شڪايت ڪندڙ) جو مرحوم گهروارو سي ڊي اي سان واڳيل ڌوٻي هو، مرحوم مڙس ڌوٻي ڪوارٽر جي الاٽمينٽ جي لاءِ سي ڊي اي کي درخواست ڏني هئي، گهرواري جي لاڏاڻي کانپوءِ بيواهه سي ڊي اي ۾ ڌوٻڻ جي حيثيت سان شموليت اختيار ??ئي، عورت سي ڊي اي کي ڪوارٽر الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي جڏهن ته سي ڊي اي ڪوارٽر سنيارٽي لسٽ ۾ موجود جونيئر ٻئي ملازم کي ڏئي ڇڏيو جنهن تي عورت وفاقي ??حت??ب سان رابطو ڪيو، جنهن سي ڊي اي جي امتيازي سلوڪ کي بدانتظامي قرار ??نو. وفاقي ??حت??ب عورت کي گهر جو الاٽمينٽ آرڊر جاري ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن ۾ تعميل جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي جڏهن ته ان جي ابتڙ سي ڊي اي ??حت??ب جي حڪمن جي خلاف صدر کي درخواست ڪئي. سي ڊي اي موقف اختيار ??يو ته شروع کان ئي اها رهائش سي ڊي جي مرد ملازمن (ڌوٻين) کي الاٽ ڪئي ويندي آهي، رهائش ڪڏهن ڪنهن عورت (ڌوٻڻ) کي الاٽ نه ڪئي وئي?? سي ڊي اي جو چوڻ آهي ته ڌوٻي جي تعريف هڪ بالغ مرد ڪم ڪندڙ ڌوٻي طور ڪئي وئي آهي، ڌوٻي جي رشتيدار?? جو مطلب رت جا رشتا يعني پيءَ، ڀاءُ ۽ پٽ آهن، رڪارڊ جو جائزو وٺڻ تي خبر پئي ته سي ڊي اي سال 2000ع ۾ هڪ ڌوٻڻ کي هڪ ڪوارٽر جي الاٽمينٽ ڪئي هئي. صدر حقيقتن ۽ امتيازي سلوڪ جي بنياد تي سي ڊي اي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.