اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ جاري ا??ساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو علائقي ۾ انساني حقن جي ا??هن سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄ??ون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ترجمان ان ڳالهه تي ا??سوس جو اظهار ڪيو ته ڀار??ي قابض عملدارن ڪشميرين ک?? مسلسل چوٿين سال سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۾ عيد نماز جي اجتماع ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو، ان کان اڳ قابض عملدارن رمضان جي مقدس مهيني ۾ پڻ مذهبي آزادي تي پابنديون هنيون هيون. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي ڪشميرين تي هنيل پابندين کي ختم ڪن جيڪي ا??هن کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ترجمان چيو ته گذريل هفتي نام نهاد گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين دوران 40 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ عورتون به شامل آهن. ترجمان چيو ته ڀارتي عملدارن آزادي جي حامي ٻن ڪشميرين سيد شڪيل يوسف ۽ سيد شاهد يوسف جون ملڪيتون به ضبط ڪري ڇڏيون آهن جيڪي هن وقت غيرقانوني حراست ۾ آهن. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور ??ي قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي بڊگام علائقي ۾ هڪ ٻئي حراست هيٺ ۽ ناليواري ا??ساني حقن جي ڪارڪن خرم پرويز جي ا??ن جي ا?? جي آفيس تي ڇاپو هنيو ويو. هن چيو ته اسان کي ا??ڙي طرح جي ڪاررواين تي سخت ڳڻتي آهي، اهي ڪارروايون والاريل علائقي ۾ بنيادي آزادين کي دٻائڻ ۽ مقامي آبادي کي دهشت زده ڪرڻ ج?? مسلسل ڀارتي حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿي. ترجمان ان ڳالهه جو ??رجاءُ ڪيو ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي ا??هن سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو ۽ هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄ??ون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.