اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي نامزد سفير احمد فاروق ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي ت??را??ي ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي مختلف فورمن تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ان ??وق??ي تي صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو ته سعودي عرب سان اقتصادي ۽ واپاري ??اڳ??پا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي ??اڳ??پن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻطرفا ??اڳ??پا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوام جي عوام سان رابطن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ موجوده ٻطرفن ??اڳ??پن کي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته نامزد سفير ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري.