پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بونير يونيورسٽي جي هوشيار شاگرد کي پنهنجي ??رسيءَ تي ويهاريو. يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ??اپ ورهائڻ ۽ ف??ٽا يونيورسٽي جي افتتاحي تقريب ۾ بونير يونيورسٽي جي هوشيار شاگرد رحمان علي کي به خطاب جو موقعو ڏنو ويو. رحمان علي پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم جي ليپ ??اپ اسڪيم کي ساراهيو ۽ چيو ته هي ليپ ??اپ نه پر هڪ خزانو آهي مون به ليپ ??اپ وٺڻ چاهيو پئي پر منهنجي والد جي لاءِ گهر جي خرچن سان گڏوگڏ ليپ ??اپ خريد ڪرڻ ممڪن نه هو، هاڻي هن اسڪيم تحت مون کي به ليپ ??اپ ملي رهيو آهي، جنهن جي مون کي تمام گهڻي خوشي آهي. ليپ ??اپ حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جو مستقبل آهن. سڀاڻي وزيراعظم جي ??رسيءَ تي ان??اء?? الله اهي ئي ماڻهو ويهندا، رحمان علي جي انهن جملن تي وزيراعظم شهباز شريف سميت هال ۾ موجود سمورن ماڻهن تاڙيون وڄائي ان کي داد ڏنو. وزيراعظم پنهنجي سيٽ تان اٿي رحمان علي کي ڀاڪر پاتو ۽ ان سان شفقت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ پوءِ رحمان علي کي آڻي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو.