اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تعليم جي فروغ سان ئي ترقي ممڪن آهي، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وسيلن جي فراهمي حڪومت جي ذميواري آهي، پاڙيسري ملڪ ترقي ۾ اسان کان اڳتي نڪري ويا، اسان پٺتي رهجي وياسين، پنهنجو وڃايل مقام ضرور حاصل ڪنداسين، آءِ ايم ايف کان قرض حاصل ڪرڻ جو لمحو فخر جوڳو نه آهي پر فڪر جو لمحو آهي، چين ۽ سعودي عرب مشڪل ۾ اسان جو هٿ جهليو آهي، گڏيل عرب امارات کان هڪ ارب ڊالر هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندا، سياستدان، جج، جرنيل، ڊاڪٽر ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماهر ملڪ جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ اڳتي اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪستان ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ ۽ قومي نصاب ۾ سڌارن جي شروعات واري تقريب کي خ??اب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خ??ص معاون شزه فاطمه ۽ سيڪريٽري ايجوڪيشن وسيم اجمل کانسواءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم ??يو ته اڄ منهنجي لاءِ انتهائي خوشي جو ڏينهن آهي. اهو شعبو جنهن جي ذريعي دنيا ترقي ڪئي آهي انهي جي لاءِ هتي اسان موجود آهيون. 2008ع ۾ پنجاب کان اسان ان سفر جي شروعات ڪئي هئي. تعليم جي ذريعي ئي دنيا ترقي ڪئي آهي. ڊاڪٽر امجد ثاقب جي مشوري تي 2008ع ۾ انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو هو ۽ ان وقت 2 ارب رپيا رکيا ويا هئا ۽ ان مان 4 لک کان وڌيڪ انتهائي قابل، محنتي ۽ ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليمي وظيفا ڏنا ويا هئا جيڪي بعد ۾ ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ ٻين شعبن ۾ انهن نمايان ڪم سرانجام ڏنا. انهن وظيفن سان هزارين غريب شاگردن پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي. وزيراعظم ??يو ته اسان قوم جي ڪروڙين ٻارن ۽ ٻارڙين تي پنهنجا مالي وسيلا خرچ نه ڪيا ته اهو سفر اڌورو رهجي ويندو. هلندڙ سال 14 ارب رپيا انڊوومنٽ فنڊ جي لاءِ رکيا ويا آهن جيڪي جيتوڻيڪ گهٽ آهن پ?? اسان جون مالي مشڪلاتون تمام وڌي?? آهن. سدائين تعليمي وظيفا وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان فيصلو ڪيو آهي ته هلندڙ سال ۾ رکيل 3 ارب رپيا غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڏنا ويندا. اسان چاهيون ٿا ته اها رقم ايندڙ 10 سالن ۾ 14 ارب مان وڌائي 40 ارب تائين پهچائي وڃي ته جيئن اسان جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي تعليم جي سلسلي کي مڪمل ڪري سگهن. الله تعاليٰ پاڪستان کي معدني ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي. مشڪل دور تمام جلد گذري ويندو ۽ پاڪستان هڪ مستحڪم ملڪ بڻجندو. پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ تي ملڪ جي شاگردن جو حق آهي. وزيراعظم ??يو ته ملڪ ۾ لکين اهڙيون ٻارڙيون آهن جن وٽ وسيلا نه آهن پ?? اهي ڊاڪٽر، انجنيئر بڻجي پنهنجي خ??ندان ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جو عزم رکن ٿيون. جيڪي علائقا ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي آهن انهن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم ??يو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ سرنديءَ وارا ماڻهو غريب ٻارن ۽ ٻارڙين جو هٿ نه پڪڙيندا ته هن دنيا ۾ ۽ نه ئي اڳئين دنيا ۾ انهن جي لاءِ معافي هوندي. تعليم ۽ فني تعليم تي خ??ص ڌيان ڏيڻ جي ضرور?? آهي. انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي، آرٽيفيشل ٽيڪنالاجي، زراعت، ميڊيڪل سائنس ۽ ٻين شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جي تمام گهڻي گنجائش آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي زرعي شعبي ۾ پيداوار وڌائڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. وقت اچي ويو آهي ته تعليم تي مڪمل ڌيان ڏنو وڃي. حڪومت جو مدو 14 آگسٽ تي مڪمل ٿي ويندو. ان کانپوءِ آڪٽوبر يا نومبر ۾ چونڊون ٿينديون. اليڪشن ڪميشن ان جو اعلان ڪندي پر ??عليم ايندڙ حڪومت جي ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم ??يو ته آءِ ايم ايف جي بورڊ جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي ۽ اميد آهي ته ان ۾ اسان جي قرضن جي منظوري ٿي ويندي پر ??هو فڪر جو لمحو آهي فخر جو لمحو نه آهي، اهو شاديانا وڄائڻ جو لمحو به نه آهي. سياستدان، جج، جرنيل، ڊاڪٽر ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو جيڪي پنهنجي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهن ٿا انهن کي ان بابت سوچڻ گهرجي. پاڙيسري ملڪ اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن ۽ اسان انهن کان پٺتي رهجي ويا آهيون. ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ 90ع جي ڏهاڪي ۾ اسان انهن کان اڳتي هئاسين. اسان جو رپيو انهن کان مضبوط هو پر ??ڏهن قومن تي مشل وقت اچي ٿو ته اهي ان جو مقابلو ڪن ٿيون. اسان به حالتن ۽ مشڪلاتن جو مقابلو ڪنداسين ۽ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري رهنداسين. هن چيو ته پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي لاءِ اسان هر جڳهه اڌار وٺي رهيا آهيون ۽ آءِ ايم ايف کي منتون ڪري رهيا آهيون، اهو جيئڻ ۽ زندگي گذارڻ جو ڪو طريقو نه آهي. ترقي جو هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو تعليم آهي. وزيراعظم ??يو ته اسان کي خودي تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ اها خودي، ايثار محنت ۽ ايمانداري سان ايندي. چين پ??ڪستان جو بهترين دوس?? آهي جنهن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو هٿ پڪڙيو ۽ ٽن مهينن ۾ پاڪستان کي 5 ارب ڊالر ادا ڪيا. سعودي عرب به پاڪستان جو خيرخواهه آهي، 2 ارب ڊالر ڪالهه ئي پاڪستان کي ڏنا آهن، مالي معاونت تي سعودي قيادت جا ٿورائتا آهيون. گڏيل عرب امارات کان هڪ ارب ڊالر هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندا. وزيراعظم ??يو ته صنعتن جي لاءِ کاڄرو مال تمام گهڻي مقدار ۾ آهي. اربين ڊالر جي معدنيات هتي موجود آهي جن کي برآمد ڪري اسان خوشحالي آڻي سگهون ٿا پر ??ربين رپين جون فيسون اسان انهن معدنيات جي ڪيسن تي خ??چ ڪري ڇڏي آهي ۽ قرضن تي هلندڙ ملڪ هڪ رپئي جو منافعو به ان مان ناهي ڪمايو. 75 سال کان اسان مثال ڏيندا اچي رهيا آهيون پ?? عمل ڪٿي نظر نه آيو. جيڪڏهن اسان عمل ڪم ڪريون ته ايندڙ نسل اسان کي دعائون ڏيندا نه ته بددعائون ئي ڏيندا رهندا. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي. اسان پ??ڪستان کي عظيم ملڪ بڻائينداسين. ملڪ جون لکين ٻارڙيون گهٽ وسيلن جي باوجود اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. وظيفن جي لاءِ گهٽ ترقي يافته علائقن تي ڌيان ڏنو وڃي. اميد آهي ته پاڪستاني قوم جلد سڄي دنيا ۾ ترقي يافته قوم بڻجي اڀرندي.