اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن ۽ سندن خاندانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ ايثار کي سلام پيش ڪندي ق??م پار??ن شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب صدر اهڙن ??يالن جو اظهار 12 جولاءِ تي زوب ڪينٽ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن ??ي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي ملڪ جي ل??ءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر حوالدار محمد عثمان، صوبيدار سڪندر ۽ نائب صوبيدار مصطفيٰ جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي ل??نس نائيڪ گل حميد ۽ نائيڪ جاويد شهزاد جي گهرڀاتين سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي محمد يوسف، فهيم ۽ مقصود جي وارثن سان به ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي فرض سان لگن ۽ وطن جي ل??ءِ قربانين جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن جي ل??ءِ ۽ پونئيرن جي ل??ءِ صبر جي دعا ڪئي.