اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??ين دوستي جي بي مثال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، ??ين ۽ پاڪستان سدابهار دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن، پاڪ ??ين دوستي برقرار رهندي ۽ ان ۾ ڪا رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان صدر شڊي جن پنگ جي نظريي ۽ تصورن سان گڏ بيٺل آهي، ??ي پيڪ تحت پاڪستان ۾ بجلي، ??ستن جي انفراسٽرڪچر، پن بجلي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ سميت مختلف شعبن ۾ 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿي آهي. ??ين جي نائب وزير هي لي فينگ جي سربراهي ۾ ??ين جي اعليٰ سطحي وفد جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم هائوس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 دستاويزن ۽ ياداشتن تي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني وفد جي ڀرپور آجيان ڪندي چيو ته سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي ??ين جي اعليٰ سطح جي وفد جي پاڪستان جي دوري تي هو ??ين جي قيادت جا ٿورائتا آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ کان 10 سال اڳ ان وقت جي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ ??ين جي صدر شي جن پنگ سي پيڪ تي صحيحون ڪيون هيون ته معاهدي تي صحيحن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ ئي عملدرآمد شروع ٿيو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ بجلي، ??ستن جي ڍانچي، پن بجلي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ سميت مختلف شعبن ۾ 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿي آهي. اڄ معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن کانپوءِ اسان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيا آهيون جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نئين ماڊل تحت اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته ٻئي مرحلي ۾ بزنس ٽو بزنس حڪمت عملي تحت زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي ويندي. پاڪستان ??ين جي معاونت سان چيني معيار موجب روانگي واپار کي يقيني بڻ??ئي??دو. وزيراعظم چيو ته هو ??ين جي صدر شي جن پنگ جو ٿورائتو آهي ته هن پاڪستان سان عوامي رابطن جي فروغ لاءِ نائب وزيراعظم کي خصوصي ايلچي طور پاڪستان موڪليو آهي. چيني صدر دنيا کي ڏيکاريو آهي ته پاڪستان ۽ ??ين دوستي جي بي مثال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. ??ين ۽ پاڪستان سدابهار دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن. پاڪ ??ين دوستي برقرار رهندي ۽ ان ۾ ڪا رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان صدر شي جن پنگ جي نظريي ۽ تصورن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي اهم مصنوبا آهن ۽ اسان کي يقين آهي ته اهي منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته قرباني سخت محنت ۽ ڪوششن سان پنهنجي پيرن تي بيهڻ ??ين ۽ ??ين جي صدر شي جن پنگ جو ماڊل آهي. اسان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ??ين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پاڪستان ۽ ??ين جي وچ ۾ 6 مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب جو مشاهدو ڪيو. منصوبابندي، ??رقي ۽ خوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ ??ين جي سڌارن ۽ ترقي واري قومي ڪميشن جي وائيس چيئرمين سونگ ليان جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي آف سي پيڪ ۽ سي پيڪ فريم ورڪ ۾ اسپيشل ايڪسچينج آف مڪينزم جي معاهدن تي صحيحون ڪيون. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري سيڪريٽري ظفر حسن ۽ پاڪستان ۾ ??ين جي ناظم الامور فانگ چن سوائي ??ين کي ڳاڙهن مرچن جي برآمدات بابت دستاويز تي صحيحون ڪيون، اين ايڇ اي جي ميمبر پلانگن احسن امين ۽ پاڪستان ۾ ??ين جي ناظم الامور فانگ چن سوائي قراقرم هاءِ وي ري الائنمنٽ فيز ٽو جي حتمي فزيبلٽي اسٽڊي جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن انڊسٽريل ورڪر ايڪسچينج پروگرام ۽ ايم ايل ون منصوبي تي 21 هين ڪانفرنس جي فني ڪميٽي جي منٽس تي پڻ صحيحون ڪيون. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ??طلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کانسواءِ چيني وفد جا ميمبر پڻ شامل هئا. بعد ۾و زيراعظم چيني وفد جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.