اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل عرب امار??ت جو سرڪاري دورو ڪيو، ابوظهبي ۾ هن گڏيل عرب امار??ت جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي ۽ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو جيڪو 27 جولاءِ تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امار??ت جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ ٿيندڙ علائقائي ۽ ??ال??ي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر ??مي?? ٻطرفي گهڻ رخي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن گڏيل طور تي مفيد اقتصادي لاڳاپ?? کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مستقل ۽ اڻٿڪ حمايت تي گڏيل عرب امار??ت جي قيادت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي شيخ عبدالله بن زايد النهيان گڏيل عرب امار??ت جي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي اڻٿڪ تعاو?? کي ساراهيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير دبئي ۾ مادام تسائو ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ميڻ جي مجسمي جي نقاب ڪشائي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن مسلمان دنيا جي پهرين ع??رت وزيراعظم طور محترمه بينظير ڀٽو جي نمايان ڪارنامن جو ذڪر ڪيو جنهن سڄي دنيا ۾ نوجوانن، عورتن ۽ جمهوري تحريڪ?? کي متاثر ڪيو.