اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ??تا?? سياحن ج?? لاءِ هڪ بي مثال ملڪ آهي، اي پورٽل سڄي دنيا مان سياحن جي پاڪ??تا?? ۾ دلچسپي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪ??تا?? ۾ بي شمار سياحتي ماڳ آهن ۽ خاص طور تي ملڪ جي اترئين علائقن جا قدرتي منظر بي مثال آهن، پاڪ??تا?? قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ”سلام پاڪ??تا??“ برانڊ ۽ اي پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تقريب ۾ شرڪت خوشي جوڳي آهي، پاڪ??تا?? ۾ سياحت، ثقافت ۽ تاريخي ورثي جي فروغ جا وسيع موقعا دستياب آهن، ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي ۽ فروغ ج?? لاءِ وزيراعظم جو صلاحڪار عون چوڌري ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون قابل قدر آهن. ڀائر اسلامي ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن ثقافت، دستڪاري ۽ سياحت جي شعبي ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. پاڪ??تا?? کي الله تع??ليٰ بي پناهه قدرتي وسيلن ۽ خوبصورت منظرن سان نوازيو آهي، خاص طور تي ملڪ جي اترئين علائقن ۾ سياحتي ماڳن کي سياحت جي فروغ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته عون چوڌري جي سياحت جي شعبي جي ترقي ۽ پاڪ??تا?? ج?? لاءِ قابل قدر خدمتون آهن. وزيراعظم غيرملڪي سفيرن ۽ سفارتي برادري جي تقريب ۾ شرڪت جي آجيان ڪندي دعا ڪئي ته الله تع??ليٰ ملڪ ۾ سياحت، ثقافت، تاريخي ورثي ۽ دستڪاري جي شعبي جي ترق?? لاءِ سلام پاڪ??تا?? برانڊ ۽ اي پورٽل کي ڪاميابي سان نوازي.