ڄامشورو -06 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري وفاقي و??ير مدد علي سنڌي شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري جو دورو ڪري نئين تعمير ٿيندڙ بلڊنگ جو افتتاح ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي و??ئيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو وفاقي و??ير جي آجيان ڪئي. وفاقي و??ير مدد علي سنڌيءَ پر??ار??نگ آرٽ ۽ انٽيريئر ڊزائن ڊپارٽمينٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وائيس چانسلر کيس تعميراتي ڪم، ڊيزائن، لاڳت ۽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جي وقت بابت بريفنگ ڏني. وفاقي و??ير، يونيورسٽيءَ ۾ اي آر ناگوري آرٽ گيلري ۾ فائن آرٽ، ٽيڪسٽائيل ڊيزائن، ڪميونيڪيشن ڊيزائن، آرڪيٽيڪچر ۽ سيرامڪس جي شاگردن پاران رکيل نمائش جو معائنو ڪيو. هو شاگردن جي فن ۽ صلاحيتن کان بيحد متاثر ٿيو. نمائش جي دوري کانپوءِ وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، وفاقي و??ير کي ??ونيورسٽي جي ڪاميابين، ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو. مدد علي سنڌي معياري تعليم ۽ يونيورسٽي جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو. وائيس چانسلر پاران وفاقي و??ير کي سووينئر، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي و??ي. ان موقعي تي وفاقي و??ير سان گڏ انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح، ڊائريڪٽر جنرل نيوٽيڪ عزيز الله چانڊيو، سينيئر صحافي نياز پنهور ۽ ٻيا گڏ هئا.