اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته پاڪستان سوئيٽ هوم معاشري جي سڀ کان ڪمزور طبقي جي حفاظت، پرورش ۽ تعليم جو ذريعو آهي، پاڪستان سوئيٽ هوم جي ٻارن زندگي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي ثابت ڪيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان سوئيٽ هوم جي سرپرست اعليٰ زمرد خان سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي زمرد خان جي پاڪستان سوئيٽ هوم جي ٻارن جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چي?? ته زمرد خان جو اڻٿڪ جذبو ۽ پاڪستان سوئيٽ هوم جي ذريعي يتيمن ۽ ضرورتمند ٻارن جي خدمت قابل رشڪ آهي. ان ??وقعي تي ڳالهائيندي زمرد خان چي?? ته پاڪستان سوئيٽ هوم اڄ پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيو آهي، پاڪستان سوئيٽ هوم جي ٻارن کي جديد تعليم سان گڏو??ڏ بهترين تربيت پڻ ڏني پئي وڃي، اميد آهي اهي ٻار مستقبل ۾ ملڪ جي اهم شعبن ۾ پنهنجو?? خدمتون سرانجام ڏيندا.