اسلام آباد_26 آڪٽوبر (اي پي پي ) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ڪشمير ۽ ڄمون لبريشن سيل جي اهتمام هيٺ 27 اڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ جي ٻاهران ??حتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو . ڪانفرنس طرفان ??اري ڪيل بيان مطابق مظاهري جي قيادت آل پارٽيز حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جو ڪنوينر محمود احمد ساغر جڏهن ته رياست آزاد ڄمون ڪشمير حڪ??مت جي نمائندگي وزير اح??د رضا قادري ڪندو . مظاهري بعد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي نالي معاهدو پيش ڪيو ويندو .