اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن ٻه رياستي حل جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، عالمي برادري فلسطيني عوام جي تڪليفن جو احساس ڪندي غزه ۾ اسرائيلي ظلم روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر اهڙن خيالن جو اظهار مسجدالحرام جي امام خطيب ڊ??ڪٽ?? صالح بن عبدالله حميد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي پڻ ملاقات ۾ شريڪ هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ غزه جي صورتحال، اسلامو فوبيا ۽ اسلامي دنيا کي درپيش ٻين چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي امام خطيب جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهن. ان موقعي تي ڊ??ڪٽ?? صالح بن عبدالله حميد چيو ته مسلمان دنيا فلسطين مسئلي تي متفقه موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻه رياستي حل جي بنياد تي فلسطينين کي انهن جا جائز حق ڏنا وڃن. هن چيو ته فلسطين ۾ جاري تشدد ۽ ظ??من جي خاتمي جي لاءِ مسلمان دنيا جي گڏيل ڪوششن ۽ انساني همدرديءَ ۽ سفارتي مدد جي ضرورت آهي. صدر اهم مسئلن تي سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. هن مسلم قومن کي درپيش گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سعودي عرب ايران لاڳ??پن جي بحالي جي لاءِ سعودي عرب جي قيادت کي ساراهيو ۽ ان کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ چيو ته ان سان واپار ۽ تر??ي کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي فروغ ملندو. هن يمن، شام ۽ سوڊان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سعودي قدمن کي پڻ ساراهيو. صدر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي معاشي مدد سان گڏوگڏ انساني امداد ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ تر??ياتي منصوبن ۾ تعاون تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي خاص طور تي ڀارت ۾ اسلامو فوبيا ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ڀرتي ظ??من کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو آبادياتي تناسب بدلائي رهيو آهي ۽ مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ ملوث آهي. ان موقعي تي ڊ??ڪٽ?? صالح بن عبدالله حميد پاڪستان حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.