راولپ??ڊي-27 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان سعودي لينڊ فورسز جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فهد بن ع??دالعزيز المتائر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا ??شم??ل سلامتي ۽ دفاع جي شعبي ۾ سهڪار سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ معزز مهمان ??رم?? چيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال جي روشنيءَ ۾ فوجي تربيت بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. مهمان شخصيت دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڏنل قربانين تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. ??رم?? چيف مهمان شخصيت جي آجيان ڪندي چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان جا ويجها ناتا آهن، پاڪستان انهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ??و. ان کان اڳ مهمان شخصيت جي جي ايڇ ڪيو آمد تي پاڪ فوج جي هڪ جٿي کيس سلامي پيش ڪئي.