راولپنڊي-22 نومبر (اي پي پي) اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي ديسي ساخته بم حملي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي بم حملي ۾ پاڪ فوج جو لانس نائيڪ احسان بادشاهه (عمر 33 سال، رهائشي ضلع ڪرڪ) ۽ لانس نائيڪ ساجد حسين (عمر 30 سال، رهائشي ضلع ڪرم) شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي ل??ءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي ل??نت کي ختم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي ?? ??سا?? جي بهادر سپاهين ج??ن اهڙيون قرباني??ن اسان جي عزم جي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.