اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مر??ضي?? سولنگي چيو آهي ته تماڪ واپرائڻ سان هر ڇهن سيڪنڊن کانپوءِ هڪ شخص جو موت ٿئي ٿو، هر سال 50 لک ماڻهو حياتي وڃائي ويهن ٿا جڏهن ته 20 هين صدي ۾ 10 ڪروڙ ماڻهو تماڪ واپرائڻ سان پنهنجي زندگين کان محروم ٿيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن کي تماڪ واپرائڻ جي اثرن ۽ نقصانن کان آگاهي فراهم ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و. ??طلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته تماڪ واپرائڻ جي حوالي سان ڪجهه اهم سوال پڇڻ تمام ضروري آهن، هي اهڙي بيماري آهي جنهن جي ڪري سراسري هر ڇهن سيڪنڊن کانپوءِ هڪ شخص جو موت ٿئي ٿو جڏهن ته 10 ماڻهن مان هڪ شخص جي موت تماڪ واپرائڻ سان ٿئي ٿي. هن چيو ته 20 هين صدي ۾ تماڪ واپرائڻ جي ڪري 10 ڪروڙ ماڻهو پنهنجي زندگين کان محروم ٿيا. سڄي دنيا ۾ ساليانو 50 لک فوتگيون تماڪ واپرائڻ سان ٿين ٿيون. هن خد??و ظاهر ڪيو ته تماڪ واپرائڻ جي جنگ انهي شدت سان جاري رهي ته 2030ع تائين ان سان فوت ٿيندڙن جو انگ 50 لک مان وڌي 80 لک تائين پهچي ويندو. مر??ضي?? سولنگي تماڪ واپرائڻ جي خ??اف جنگ جي هيروز کي سلام پيش ڪندي چيو ته تماڪ واپرائڻ نشو نه آهي موت جي گوري آهي، اهو انساني زندگين جي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته جتي ٻين صح?? جي لاءِ هاڃيڪار شين جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو اتي تماڪ واپرائڻ جو ذڪر پڻ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته تماڪ تي ٽيڪسز ۾ اضافو ان جي حوصلا شڪني جي لاءِ ضروري آهي، ماحولياتي تباهي وانگر تماڪ واپرائڻ پڻ انساني زندگين جي لاءِ خطرو آهي، ان جا اثر اسان روزانو پنهنجي زندگين ۾ ڏسون ٿا. هن چيو ته تماڪ واپرائڻ جي ڪري صح?? جي شعبي ۾ خرچن ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو. مر??ضي?? سولنگي چيو ته جڏهن هو وزير نه هو تڏهن به تماڪ واپرائڻ سان وڙهندڙ هيروز جو حامي هئس، اڄ به آهيان ۽ سڀاڻي به حامي رهندس.