اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته طبي تعليم کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي، افرادي قوت عالمي م??رڪيٽ ۾ صحت جي شعبي جي ??اهرن جي گهرج پوري ڪرڻ جي ??اءِ صحت جي شعبي ۾ سڌارا آندا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ طبي تعليم ۽ مريضن جي سارسنڀال ۾ سڌارن جي ??اءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ صحت جي شعبي کي عالمي م??يار تي آڻڻ جي ??اءِ ٺاهيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ صحت جي شعبي جي ??وجوده صورتحال ۽ ان ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته افرادي قوت جي عالمي م??رڪيٽ ۾ صحت جي شعبي جي ??اهرن جي گهرج پوري ڪرڻ جي ??اءِ ملڪ ۾ صحت جي شعبي ۾ سڌارا آندا وڃن. هن چيو ته نرسنگ هڪ انتهائي اهم شعبو آهي ۽ ان جي ترقي جي ??اءِ وڌيڪ ڌيان جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ صحت واري وزارت، ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ملڪ جي ??يڊيڪل يونيورسٽيز جي حصيداري سان صحت جي شعبي ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي ??اءِ ٽن مرحلن تي ٻڌل حڪمت عملي ٺاهي وئي آهي جنهن جو مقصد پاڪستاني صحت جي شعبي ۾ عالمي م??يار موجب قاعدا ۽ ضابطا لاڳو ڪرڻ ??ي يقيني بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ صحت جي شعبي ۾ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ سطحن تي سڌاراجاتي حڪمت عملي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم خاص معاون ڊاڪٽر عامر بلال جي ??يادت ۾ صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي ??اءِ ٽاسڪ فورس جي ??دمن کي ساراهيو.