اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ??هي ته بنا شڪ جي اقبال جي شاعري ۽ فلسفي ۾ اولين مخاطب مسلمان هئا پر سندس فڪر آفاقي ۽ همه گير ??هي ۽ سندس پيغام سڄ?? دنيا جي انسانن لاءِ ??هي ۽ اڄ به اسان کي ان ج?? ضرورت آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار علامه اقبال ا??پن يونيورسٽي ۾ ”فڪر اقبال ايڪهين صدي جي روشني ۾ عالم اسلام جي ٻن عظيم شاعرن اقبال ۽ محمد عاڪف“ جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تعليم واري وفاقي نگران وزير چيو ته فڪر اقبال ۾ اڄ جي مسئلن ج?? حل موجود آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ اقبال جي سياسي فڪر کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه ??هي ته شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي نالي سان منسوب هن يونيورسٽي ۾ فڪر اقبال تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس منعقد ٿي رهي ??هي جنهن ۾ نه رڳو سڄ?? پاڪستان مان دانشور ۽ اقبال شناس شرڪت ڪري رهيا آهن پر مصر، ايران ۽ ترڪيه جا صاحب دانش به هتي موجود آهن، اقبال تي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. ڪانفرنس جو بندوبست اقباليات واري شعبي يونس ايمري انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ڪيو آهي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان ج?? يونيورسٽي انهن يونيورسٽين مان ??هي جنهن ۾ اقبال جي فڪر ۽ شاعري کي سمجهڻ، اقبال جي تعليم کي واڌ ويجهه لاءِ اقباليات شعبو ٺهيل آهي. هن چيو ته اسان هن شعبي جي ذريعي علامه اقبال جو پيغام نوجوانن تائين پهچائيندا آهيون. هن چيو ته نئين نسل جي تربيت لاءِ فڪر اقبال سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اقبال جي تعليم ۾ نوجوان نسل جي تربيت جي فڪر کي ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.