اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته موجوده حڪومت جي قدمن تحت يو??يا ڀاڻ جي دستيابي ۽ قيمت جي حوالي سان صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، في ٻوري قيمت گهٽ ٿي 4451 رپيا ٿي وئي آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ يو??يا ڀاڻ جي قيمتن ۾ وڌيڪ نمايان گهٽتائي ايندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته زراعت اسان جي جي ڊي پي جو اٽڪل چوٿون حصو آهي، زراعت اهو شعبو آهي جنهن ۾ اسان جي 40 سيڪڙو ليبر فورس ڪم ڪري ٿي، 2 لک 20 هزار ٽن يو??يا تازو ئي درآمد ڪئي وئي. هن چيو ته ربيع سيزن جي حوالي سان يو??يا ڀاڻ جي دستيابي جو ڪاٿو 35 لک ٽن هو، شروعاتي بيلنس 77 هزار ٽن هو، 32 لک 80 هزار ٽن مقامي پيداوار هئي، يو??يا ڀاڻ جا ٻه ڪارخانا جنوري کان مارچ تائين بند رهيا جنهن جي ڪري مقامي پيداوار ۾ 2 لک 25 هزار ٽن گهٽتائي ٿي، فوجي فرٽيلائيزر بن قاسم جي پيداوار ۾ گئس جي کوٽ جي ڪري يو??يا جي پيداوار ۾ هن سال هڪ لک 80 هزار ٽن گهٽتائي ٿي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ مان ڀاڻ درآمد ڪرڻ جو فيصلو دير سان ٿيو جنهن جي ڪري قيمتن تي ا??ر پيو، هن وقت يو??يا جي ڪافي مقدار دستياب آهي، ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خورن مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ فرٽيلائيزر انڊسٽري سان گڏجي 12 ڊسمبر کان روزاني جي بنياد تي ڀاڻ جي دستيابي ۽ قيمت تي نظر رکي آهي، صوبن کي يو??يا جي دستيابي وڌائي وئي آهي، صوبائي حڪومتون ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت ان ڏس ۾ 950 ايف آءِ آرز ۽ 104 ملين رپين جا ڏنڊ هنيا آهن، سنڌ حڪومت به ان ڏس ۾ قدم کنيا ۽ 4 ملين رپين جا ڏنڊ هنيا، انهن سمورن قدمن سان يو??يا جي دستيابي ۽ قيمت جي حوالي سان صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي آهي. هن چيو ته يو??يا جي قيمت جيڪا 5 هزار رپيا في ٻوري کان وڌي وئي هئي هاڻي اها 4451 رپيا في ٻوري ٿي وئي آهي، برآمدي يو??يا جا ٻه جهاز 95 هزار ٽن يو??يا کڻي اچي ويا آهن، نيشنل فرٽيلائيزر مارڪيٽنگ لميٽيڊ ان جي ڊسٽري بيوشن ڪري رهي آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ يو??يا جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. هن چيو ته وزارت سوال نوٽ ڪيا آهن، انهن سمورن جو تفصيلي جواب وزارت ڏيندي.