اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوسٽل لائيف انشورنس کي ف??تي پاليسي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ڪليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پوسٽل لائيف انشورنس جي داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي، پوسٽل لائيف ف??تي پاران ڄمڻ جي تاريخ غلط ٻڌائڻ ۽ شگر جي بيماري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل م??جب عبدالعزيز جي والد پوسٽل لائيف کان 2010ع ۾ 50 لک رپين جي انشورنس پاليسي خريد ڪئي هئي. 2015ع ۾ والد جي لا??ڻي کانپوءِ پوسٽل لائيف پٽ کي رقم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو. ف??تي جي پٽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي. وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ف??تي پاليسي هولڊر سڃاڻپ ڪارڊ تي داخل ڄم جي تاريخ م??جب انشورنس پاليسي خريد ڪئي ۽ پوسٽل لائيف فراهم ڪيل معلومات قبول ڪرڻ کانپوءِ انشورنس پاليسي جاري ڪئي. فيصلي م??جب انشورنس ايجنسي پاران شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادائيگي کان انڪار بدانتظامي جي برابر آهي. ڪمپني وفاقي محتسب جي شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ فيصلو ڪرڻ تي صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ حقيقتن جي روشني ۾ شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته انشورنس آرڊيننس م??جب ڪا انشورنس پاليسي شروع ٿيڻ جي تاريخ ج?? 2 سالن کانپوءِ غلط معلومات جي بنياد تي چئلينج نه ٿي ڪري سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي م??جب زيابيطس ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙي بيمارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي، اهڙين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن وانگر زندگي گذارين ٿا. صدر هدايت ڪئي ته پوسٽل لائيف وفاقي محتسب جي فيصلي جي 30 ڏينهن ۾ تعميل ڪندي ف??تي جي وارثن کي ان جي انشورنس ڪليم ادا ڪري.