اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي)تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سن??ي پنهنجي ڪتاب ”پاڪستاني ادب جا معمار“ جي مهورتي تقريب جي موقعي تي چيو آهي ته سن?? جي تهذيب گهڻ رخي ٻوليون رکندڙ، گهڻا مذهبي عقيدا رکندڙ ۽ گهڻ نسلي آهي جنهن ڪيترائي مش??ور اديب پيدا ڪيا ۽ علي بابا انهن مان هڪ هو. سن?? جي مش??ور لي??ڪ علي م??مد جيڪو علي بابا جي نالي سان مش??ور آهي، جي زندگي ۽ ڪارنامن تي ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي ڪتاب ”علي بابا جي شخصيت ۽ فن“ جي لي??ڪ، ڪالم نگار ۽ تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سن??ي چيو ته هو پاڻ انهن خوش نصيبن مان آهي جنهن علي بابا کي صوبي جي م??تلف شهرن ۾ ڏٺو آهي. هن چيو ته سن?? هڪ مضبوط ثقافت ۽ تهذيب وارو صوبو آهي ۽ شيخ اياز جو ڳاڻيٽو صوبي جي عظيم جديد شاعرن ۾ ٿئي ٿو. مدد علي سن??ي چيو ته هن ڪتاب ۾ علي بابا جي شخصيت جي باري ۾ وڏو تفصيل سان لکيو آهي، علي بابا عظيم لي??ڪ هج?? باوجود پنهنجي عظمت کان بي خبر هو. هن چيو ته علي بابا جون تحريرون انساني وجود ۽ خودي جي گهرائي کي ظاهر ڪن ٿيون، علي بابا جي ڪمن جي باري ۾ وفاقي وزير چيو ته هن ناول موئن جو دڙو ۽ ڊرامي دنگي منجهه درياءَ جهڙا شاندار ڪم ڪيا. علي بابا جي فن کي لازوال قرار ڏيندي م??د علي سن??ي اميد ظاهر ڪئي ته سندس تحريرن جو اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويندو.