اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير مرتضيٰ سولنگي چيو ??هي ته سوشل ميڊيا تي عام يوٽيوبرز جي ويور شپ وڌيڪ آهي، پي ٽي وي کي ??وشل ميڊيا تي پنهنجي ويور شپ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ريڊيو پاڪستان جو مينڊيٽ ماڻهن کي معلومات جي فراهمي آهي، ريڊيو پاڪستان ڪمرشل ادارو نه آهي، حڪومت تحت ڪم ڪندڙ ادارو آهي، توانائي واري وزارت کي ??رخواست ڪئي آهي ته ريڊيو پاڪستان کان بجلي جي بلن تي ڪمرشل ٽيرف چارج نه ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊن?? ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري، پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي کي ??طلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي انتظامي ڪنٽرول ۾ ڪم ڪندڙ لاڳاپيل کاتن ۾ تجويز ڪيل سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پي ٽي وي جي مالياتي پلان جي حوالي سان ڪميٽي کي ??ريفنگ ڏني. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ??ه پي ٽي وي ۾ اٽڪل 4100 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، پي ٽي وي تي وڏي لائبلٽي پينشن جي هئي جنهن کي ڪنٽري بيوٽري فنڊ ۾ تبديل ڪيو ويو ??هي. ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ??ه بجلي جي بلن جي مد ۾ پي ٽي وي کي ??اصل ٿيندڙ روينيو ??ان پي ٽي وي جا پروگرامز ۽ ٻيا خرچ پورا ڪيا وڃن ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير مرتضيٰ سولنگي ڪميٽي کي ٻڌايو ??ه سوشل ميڊيا تي عام يوٽيوبرز جي ويور شپ تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ??ه پي ٽي وي پنهنجي معياري پروگرامز کي ??وشل ميڊيا تي به اپ لوڊ ڪري رهي آهي، پي ٽي وي کي ??وشل ميڊيا تي ويور شپ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه پي ٽي وي جي پروڊڪٽس جي پبلسٽي جي لاءِ مارڪيٽنگ ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ کي ??هتر ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ??ه ايڊيشنل سيڪريٽري اطلاعات واري وزارت پي ٽي وي جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر هوندو آهي، ڪابينا جي منظوري سان ڪنهن به اهل شخص کي ??داري جو سربراهه لڳائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير چيو ??ه نگران حڪومت وٽ جڏهن اهو معاملو آيو ??ه اسان بهتر اهو ئي سمجهيو ??ه اهو ڪم چونڊيل حڪومت تي ڇڏيو وڃي، سليڪشن جي لاءِ اشتهار ڏيڻ جو ڊگهو پراسيس آهي جيڪو نگران دور ۾ ممڪن نه هو، مناسب اهو ئي سمجهيو ??ه نئين پارليامينٽ ۽ حڪومت جڏهن اقتدار ۾ ايندي ته اها پنهنجو استحقاق استعمال ڪندي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ??ه پي ٽي وي نيشنل براڊ ڪاسٽر آهي، پي ٽي وي واحد چينل آهي جيڪو پوري پاڪستان ۾ ڏٺو وڃي ٿو، پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ به پي ٽي وي جي نشريات ڏٺي وڃي ٿي. پي ٽي وي اسپورٽس جي رائيٽس جي حوالي سان هن چيو ??ه ان معاملي تي پي سي بي سان رجوع ڪيو ويو ??هي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير چيو ??ه پي ٽي وي اسپورٽس جي رائيٽس بابت موجوده ۽ گذريل چيئرمين پي سي بي سان ملاقات ٿي هئي. ڪميٽي کي ??يڊيو پاڪستان جي نئين قدمن ۽ خصوصي پروگرامن بابت بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير چيو ??ه ريڊيو پاڪستان جو مينڊيٽ ماڻهن کي ??طلاع جي فراهمي آهي. ريڊيو پاڪستان کان چارج ٿيندڙ بجلي جي بلن جي حوالي سان توانائي واري وزير ۽ توانائي واري سيڪريٽري سان ميٽنگ ڪئي آهي، اسان توانائي واري وزارت کي ??رخواست ڪئي ته ريڊيو پاڪستان کي ??جلي جي بلن جي مد ۾ ڪمرشل اگهه چارج نه ڪيا وڃن. هن چيو ??ه ريديو پاڪستان ڪمرشل ادارو نه آهي، هي حڪومت تحت ڪم ڪندڙ ادارو آهي جنهن جو ڪم ماڻهن کي معلومات جي فراهمي آهي تنهن ڪري اسان کان ڪمرشل اگهه تي بل چارج نه ٿيڻ گهرجن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير ڪميٽي جي سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊن?? ڪميٽي جي سمورن اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي آهي.