اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ايران جي شهر راسڪ ۽ چابهار ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي ٺڪاڻن تي ٿيندڙ ڪڌي ۽ وحشياڻي دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري هڪ بيان ۾ چيو ته اسان متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ??ري??ن ٿا ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ايران جي ??وا?? ۽ حڪومت سان گڏ بيٺ?? آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، اسان کي هن خ??ي ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ ڪاررواين تي گهري ڳڻتي آهي، اهو هڪ علائقائي ۽ عالمي خطرو آهي جنهن جي لاءِ پرعزم ردعمل جي ضرورت آهي.