اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??نگ??پو?? جي ڪاروباري ادارن سان ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري رابطن جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ۽ سي فوڊ ۾ ??نگ??پو?? جي لاءِ پائيدار پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??نگ??پور ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ??نگ??پو?? جي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ??نگ??پور ۾ پاڪستاني خوراڪ ۽ زرعي مصنوعات جي برآمدات جا موقعا ڳولڻ گهرجن. پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ۽ سي فوڊ ۾ ??نگ??پو?? جي لاءِ پائيدار پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني افرادي قوت ??نگ??پور موڪلڻ، آءِ ٽي ۽ زراعت ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري رابعه شفيق کي بطور پاڪستاني هاءِ ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.